تهران/يروشلم(عوامي آواز نيوز) ايراني هٿياربند فوج جي خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۽ بيروت جي علائقي ضاحيه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي جواب ۾ ايران جي هٿياربند فوج سخت ۽ ڏکوئيندڙ ردعمل ڏنو آهي ۽ هاڻي اهو آپريشن روڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته صهيوني حڪومت طرفان ڏکڻ لبنان ۽ ضاحيه ۾ ڪيل جارحيت ۽ ظلمن جي جواب ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي هٿياربند فوج لبنان جي مظلوم عوام جي حمايت ۾ اسرائيل کي سخت ۽ ڏکوئيندڙ جواب ڏنو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهو اهڙو ردعمل آهي، جنهن مان صهيوني حڪومت ۽ ان جي حامين کي سبق سکڻ گهرجي.ان کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل کان هڪ ٻئي تي حملا فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو،ايران جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي چيو آهي ته اسان کي ڪنهن به قسم جي غلط اندازي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، امن ۽ استحڪام جو رستو اندروني محاذ جي مضبوطي ۽ مسلسل جدوجهد مان گذري ٿو. هن چيو ته جنگبندي کان پوءِ ايراني فوجن پنهنجي صلاحيتن ۾ واڌ ڪئي آهي ۽ ٿيل نقصانن جو ازالو به ڪري ورتو آهي.اسان 9 مارچ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ طاقتور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اسان ان وقت تائين خاموش نه رهنداسين، هن چيو ته اسرائيل آمريڪي اجازت کان سواءِ خطي ۾ ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري سگهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان جو ذميوار آمريڪا آهي. سعودي عرب تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ اسماعيل بقائي چيو ته ايراني فوجن سعودي عرب تي ڪو به حملو ناهي ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني ثالثي ذريعي آمريڪا سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي،ٻئي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ ايران طرفان اسرائيل تي حملي کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي جوابي حملو ڪيو ويو ته آمريڪا ان ۾ حصو نه وٺندو.آچر جي رات ايران، لبنان جي گادي واري شهربيروت تي حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن ۽ فضائي دفاعي نظام انهن ميزائل حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي.ايراني حملن کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.اسرائيلي ميڊيا موجب ٽيليفونڪ گفتگو دوران نيتن ياهو آمريڪي صدر کي ايران تي حملي ڪرڻ جي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو.اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن حملو ڪيو ويو ته آمريڪا ان ۾ حصو نه وٺندو. ان کان علاوه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي اخبارفنانشل ٽائمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته نيتن ياهو وٽ ايران سان معاهدو قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو.