عام شهرين کي تيزاب ڏيڻ تي پابندي لڳائي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ تيزاب گردي جي ڏوهاري عبدالمنان جي عمر گهٽ هجڻ جي بنياد تي سزا ۾ رعايت ڏيڻ جي  اپيل رد ڪندي عمر قيد جي سزا برقرار رکي، عدالت پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته تيزاب گردي جي ڪيسن جو ٽرائل هر صورت ۾ 4 مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ عام شهرين کي تيزاب جي کليل وڪري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي، جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، 13 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ لکيو، عدالت فيصل آباد جي رهواسڻ اقرا پروين تي تيزاب اڇلائيندڙ عبدالمنان جي درخواست رد ڪندي سندس عمر قيد جي سزا برقرار رکي، جڏهن ته متاثر عورت کي 10 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو  ته وحشياڻي ۽ اڳواٽ رٿابندي سان ڪيل اهڙي ڏوهه ۾ گهٽ عمر هجڻ جو جواز قبول نٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته تيزاب حملن جي متاثرن لاءِ قومي بحالي فنڊ قائم ڪيو وڃي، متاثرن جي پلاسٽڪ سرجري، نفسياتي علاج ۽ بحالي جا سمورا خرچ حڪومت برداشت ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.