ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ گرمي پد 51 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ گرمي پد 51 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي سنڌ سميت سڄي صوبي لاءِ شديد هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن دوران ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مٿي فضا ۾ هاءِ پريشر واري نظام جي ٺهڻ سبب 12 جون تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان شديد هيٽ ويو جون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، ڪراچي ۾ اڄ کان 12 جون تائين هيٽ ويو برقرار رهي سگهي ٿو، جڏهن ته ان عرصي دوران شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سجاول ضلعن ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 42 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.