لنڊن (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان جو اينڊرائيڊ اسمارٽ فون اڳ وانگر تيزي سان ڪم نٿو ڪري ۽ سست ٿي ويو آهي ته هڪ سادي ترڪيب سان ان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي.
رپورٽ موجب فون ۾ موجود غيرضروري تصويرون، وڊيوز ۽ ٻيون فائلون ڊليٽ ڪرڻ سان ڊوائيس جي رفتار ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته گهڻيون تصويرون، وڊيوز، گيمز ۽ ٻيو مواد ڊائون لوڊ ٿيڻ سبب فون جي اسٽوريج ڀرجي ويندي آهي، جنهن سان پروسيسر تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي ۽ فون سست ٿي ويندو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گوگل ٻڌايو ته اينڊرائيڊ سسٽم جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو اسٽوريج خالي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اسٽوريج گهٽ هجي ته وڏيون ۽ غيرضروري فائلون ڊليٽ ڪرڻ يا تصويرن ۽ وڊيوز کي گوگل فوٽوز جهڙي ڪلائوڊ سروس ڏانهن منتقل ڪرڻ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي ڪيترائي واهپيدار اهڙيون ايپس به انسٽال ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي ڊگهي عرصي تائين استعمال ناهن ٿينديون. اهڙيون ايپس نه رڳو اسٽوريج تي قبضو ڪن ٿيون پر فون جي رفتار تي به اثرانداز ٿين ٿيون. ماهرن موجب غيراستعمال ٿيل ايپس ختم ڪرڻ سان به اسمارٽ فون جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي.