واٽس ايپ ۾ چيٽس کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ اهم اپڊيٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ هڪ نئين اپڊيٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان واهپيدارن لاءِ چيٽس کي وڌيڪ آسان طريقي سان سنڀالڻ ممڪن بڻجي ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو ٻڌايو آهي ته نئين فيچر تحت واهپيدار آرڪائيو ۽ لاڪڊ چيٽس لاءِ به ڌار چيٽ لسٽون يا فلٽر استعمال ڪري سگهندا. هن فيچر جو مقصد واهپيدارن جي تجربي کي بهتر بڻائڻ ۽ رابطن جي عمل کي وڌيڪ ڪارائتو ڪرڻ آهي. هي فيچر اينڊرائيڊ جي بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڪسٽم لسٽس فيچر نومبر 2024ع کان موجود آهي، جنهن ذريعي واهپيدار مختلف چيٽ فلٽرز يا لسٽون ٺاهي پنهنجي پسند جا رابطا يا گروپ شامل ڪري سگهندا آهن. هاڻي ڪمپني ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي آرڪائيو ۽ لاڪڊ چيٽس لاءِ پري سيٽ فلٽرز متعارف ڪرائي رهي آهي.

ٻئي پاسي واٽس ايپ ۾ اڳ ئي اَن ريڊ، گروپس ۽ فيورٽس جهڙا پري سيٽ فلٽر موجود آهن، جن ۾ جلد آرڪائيو ۽ لاڪڊ چيٽس جا آپشن به شامل ڪيا ويندا. رپورٽ موجب لاڪڊ چيٽس تائين رسائي پاس ڪوڊ، فيس آءِ ڊي يا فنگر پرنٽ ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته نئين فلٽر ۾ سيڪيورٽي بابت تفصيل اڃا سامهون ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.