بجيٽ تي پ پ-حڪومت ڊيڊلاڪ برقرار،پ پ پاران عوام کي رليف ڏيڻ تي زور

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ حڪومت جي وچ ۾ بجيٽ جي ڪيترن ئي معاملن تي ڊيڊ لاڪ برقرار رهڻ سبب ٻنهي ڌرين جو بجيٽ بابت مشاورتي اجلاس اڄ به ٿيندو.پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب پارٽي ۽ حڪومت جي وچ ۾ اختلاف وارن معاملن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. حڪومت پگهاردار طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي خواهشمند آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي.انهيءَ ريت پيپلز پارٽي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 60 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي آهي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سنڌ جي منصوبن بابت به اختلاف موجود آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.حڪومتي وفد ۽  پ پ جي وچ ۾ بجيٽ بابت هنگامي اجلاس ٿيو، پر ڊيڊ لاڪ ختم نه ٿي سگهيو.پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل  ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين طرفان ڪوششون جاري آهن ۽ ڳالهين جو سلسلو هلي رهيو آهي.ذريعن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي کي صوبن لاءِ اضافي ٽيڪس سبسڊين ۽ ترقياتي بجيٽ بابت تحفظات آهن. ڪي فور منصوبي، ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ نه ملڻ ۽ سکر-ڪراچي موٽر وي منصوبي جا معاملا ڊيڊ لاڪ جا اهم سبب آهن.ذريعن موجب حڪومت رڳو هڪ صوبي لاءِ فنڊز فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته باقي ٽن صوبن لاءِ فنڊز جاري ناهن ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي بجيٽ بابت پنهنجون لکت ۾ سفارشون حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون آهن، جن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ حڪومت پارٽي کي جواب ڏيندي.ذريعن موجب حڪومتي جواب ملڻ کان پوءِ ٻيهر ڳالهيون ڪيون وينديون.ان کان اڳ ڄاڻايو ويو هو ته صوبن کان مرڪز 1700 ارب رپين جي فنڊز جو مطالبو ڪري رهيو آهي.وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بجيٽ بابت هڪ خاص انگ تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ۽ جيستائين ان انگ مطابق وسيلا فراهم نٿا ٿين، تيستائين بجيٽ تيار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.