حيدرآباد مان گرفتار ٿيل کدڙن فقيرن کي آزاد ڪيو وڃي:مريم شيخ

حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد مان گرفتار ٿيل ٽرانسجينڊر ( کدڙن فقيرن ) جا فرد معصوم آھن ، کين انساني بنيادن تي آزادي ڪيو  وڃي ، اھڙن خيالن جو اظهار  جياء ڪميونٽي سينٽر حيدرآباد جي اڳواڻ مريم شيخ ،زنيرہ خانزادي ، ثنا خان ، مديحه شاھ سان گڏ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي ڪيو ھنن چيو ته اسان جي ڪميونٽي وڏي جدوجهد ڪري ، تعليم ، صحت ، ھنر، سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ ساک ٺاھي آھي ھن واقعي ڪري اسان جي ساک متاثر ٿي آھي ،انساني حقن جون تنظيمون، اديب ، دانشور ، وڪيل اسان جي ڪميونٽي جو ھن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏين ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته  ڪلرڪ جي پوسٽ تي ويٺل ھيومن رائيٽس ،وومين رائيٽس چائلڊ فيسليٽيشن سيل جي حيدرآباد جي انچارج ماريا ساريو تڪراري بڻي پھرين کيس حد کان وڌيڪ اختيار ڏئي با اختيار بڻايو ويو ۽ پوءِ اندر جي تضادن جون ڪھاڻيون رپورٽ ٿيون ۽ کيس بي اختيار بڻايو ويو ، ان ڇڪتاڻ ۾ ٽرانسجينڊرن جي معصوميت جو فائدو ورتو ويو ، ھاڻ ماضي کي وساري اسين اڳتي وڌڻ گھرون ٿا اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته سندن معصوم فرد 14 ڏينھن لاءِ وومين جيل حوالي آھن ٻيھر کين عدالت ۾ حاضر ٿيڻو آھي ، حراست دوران سندن حالت خراب آھي ، اسين اميد ٿا ڪريون ته کين جلد آزاد ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.