محسن نقوي فيلڊ مارشل جو خاص خط ايران پهچائي ڇڏيو

تهران(م ڊ) محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، سپريم ليڊر کي لاءِ فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم  جو خاص خط پهچايو. ايراني نيوز ايجنسي موجب، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. محسن نقوي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي لاءِ عباس عراقچي کي هڪ خاص خط پهچايو. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ٽيليگرام چينل تي پاڪستاني گهرو وزير محسن نقوي سان پنهنجي ملاقات جون وڌيڪ تصويرون پوسٽ ڪيون، جن ۾ هڪ ۾ کيس پاڪستاني اڳواڻن پاران مجتبيٰ خامنه اي کي موڪليل خط وصول ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، ملاقات ۾ "ايران-آمريڪا ڳالهين جي طرف تازين سفارتي قدمن” تي بحث ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.