راولا ڪوٽ ۾ چڪريون، سب انسپيڪٽر سميت 4 اهلڪار شهيد

راولا ڪوٽ(م ڊ) آزاد ڪشمير جي راولاڪوٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مظاهرين جي وچ ۾ چڪرين ۾ هڪ سب انسپيڪٽر  سميت 4 پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن. راولاڪوٽ ڪمشنر سردار وحيد بي بي سي جي شهزاد ملڪ کي ٻڌايو ته پوليس پاران ڏنل رپورٽ موجب، مظاهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ چڪرين ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته مظاهرين شاهزيب جي لاش سان اسپتال جي ٻاهران ويٺا آهن ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته عوامي ايڪشن ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس نه وٺڻ تائين لاش کي دفن نه ڪندا. ڪمشنر راولاڪوٽ چيو ته جهڙپن ۾ 13 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جيڪي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا. سندس مطابق، فوت ٿيل ۽ زخمي پوليس اهلڪار پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي پوليس سان تعلق رکن ٿا. ياد رهي ته پابندي مڙهيل جمو ۽ ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي 9 جون تي احتجاج جي سڏ کي نظر ۾ رکندي، مظفر آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.