بجيٽ ۾ آءِ ٽي لاءِ 20 ارب رپيا رکيا وڃن، حافظ نعيم الرحمان

سيالڪوٽ(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان  جي امير حافظ نعيم الرحمان آئنده بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي ترقي لاءِ ويهه ارب رپين جي  جامع منصوبي جي مطالبي تي زور ڏنو آهي.سيالڪوٽ ۾ الخدمت جي “بنوقابل” تقريب کي خطاب ڪندي هن افسوس جو اظهار ڪيو ته گذريل مالي سال ۾ آءِ ٽي برآمدات مشڪل سان 3.8 ملين ڊالر تائين پهتيون، جڏهن ته 20 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ به برآمدات رڳو 4.5 کان 5 ملين ڊالر تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جيڪو حڪمرانن لاءِ شرم جو مقام آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مسلط طبقو نوجوانن جي آءِ ٽي تربيت تي ڌيان ڏئي ته ملڪ ڪجهه ئي سالن ۾ ترقي جي راهه تي اچي سگهي ٿو.الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي “بنوقابل” پروگرام جي مفت تربيتي ڪورسن ۾ داخلا لاءِ سيالڪوٽ ۾ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحان ڏنو. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي پنجاب (مرڪزي) جاويد قصوري ۽ سيڪريٽري جنرل الخدمت وقاص انجم جعفري پڻ خطاب ڪيو. امتياز بريار، خواجه مسعود، امير جماعت جا معاون خصوصي عمير ادريس ۽ ٻيا ذميوار پڻ موجود هئا،هن چيو ته ملڪ تي مسلط آفيسرشاهي ۽ جاگيردار طبقو نوجوانن کي ڄاڻي واڻي تعليم کان محروم رکيو ۽ انهن کي مايوس ڪيو آهي. هاڻي جماعت اسلامي نوجوانن جو هٿ پڪڙيو آهي، انهن کي مايوس ٿيڻ يا ملڪ ڇڏڻ جي ڪا ضرورت ناهي.ملڪ ۾ تعليم جي تحريڪ هلائڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي مسئلن جو حل اسلام جي عادلانه نظام ۾ آهي، تنهنڪري نوجوانن کي پنهنجي دين تي فخر ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.