ڪوئيٽا/ ڪراچي (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ تيزاب گردي جو شڪار بڻيل خاتون ڊاڪٽر جو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ذريعن موجب متاثر ڊاڪٽر کي بهتر علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو جتي يونيورسٽي روڊ تي واقع خانگي اسپتال ۾ سندس طبي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن متاثر عورت جو شروعاتي طبي معائنو ۽ ضروري ٽيسٽ مڪمل ڪري ورتا، رپورٽن موجب هوءَ تيزاب سبب 13 سيڪڙو سڙي زخمي ٿي آهي، ذريعن موجب تيزاب گردي جي واقعي ۾ متاثر ڊاڪٽر جون اکيون به متاثر ٿيون آهن، پر خوشقسمتي سان سندس بينائي محفوظ آهي ۽ هن وقت سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي طرف پوليس موجب ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ خاتون ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائڻ واري ڪيس ۾ گهربل مبينا جوابدار گذريل ڏينهن هڪ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، ٻئي پاسي سنڊيمن اسپتال ۾ تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ ڊاڪٽر ماهه نور جي ڀاءُ فرحت خان جو بيان سامهون اچي ويو جنهن ۾ هن واقعي کي انتهائي دل ڏاريندڙ قرار ڏيندي عوام کان دعائن ۽ ساٿ جي اپيل ڪئي، فرحت خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سندس ڀيڻ ڊاڪٽر ماهه نور سان اهو افسوسناڪ واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن هوءَ سرجري وارڊ ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي هئي، ڊيوٽي دوران مٿس تيزاب اڇلايو ويو، جنهن سبب هوءَ سخت متاثر ٿي، هن وڌيڪ چيو ته سندس خاندان هن وقت انتهائي تڪليف ۽ اذيت مان گذري رهيو آهي، جنهن جو اندازو لڳائڻ به ڏکيو آهي، فرحت خان عوام کان اپيل ڪئي ته هو هن ڏکئي وقت ۾ سندن خاندان سان گڏ بيهن ۽ دعا ڪن.
ڊاڪٽرياڻي جي جان بچائيندڙ وارڊ بواءِ لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڊاڪٽرياڻي جي جان بچائيندڙ وارڊ بواءِ عبدالرزاق ترڪئي لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير موجب عبدالرزاق ترڪئي تيزاب گردي جي افسوسناڪ واقعي دوران پنهنجي جان خطري ۾ وجهي متاثر ڊاڪٽر ماهه نور جي فوري مدد ڪئي، بهادر ۽ فرض شناس ماڻهو قوم جو فخر هوندا آهن، سرفراز بگٽي چيو ته عبدالرزاق ترڪئي جي بهادري کي قومي سطح تي ساراهيو ويندو، سندس بروقت ڪارروائي انسان دوستي ۽ پيشيواراڻي ذميواري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سان گڏ انساني خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيندڙ ماڻهن جي همٿ افزائي جاري رکندي، واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ هڪ شخص ليڊي ڊاڪٽر ڊاڪٽر ماهه نور تي تيزاب اڇلايو هو، جنهن سبب هوءَ سخت متاثر ٿي، متاثر ڊاڪٽر کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وڌيڪ بهتر علاج ۽ سهولتن لاءِ ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.