لالا اسرافيل ميرپور ماٿيلي ۾ صحافت ڪري چڪو هو

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ:علي وسير ) گھوٽڪي ضلعي جي صحافين ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت  کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي نوٽس وٺي لالا اسرافيل جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سموري ملڪ اندر احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏنو ويندو ياد رهي ته ميرپور ماٿيلو ۾ ڪيترائي سال صحافت ڪرڻ بعد ڪجھ سال اڳ شھيد صحافي لالا اسرافيل جي والد صحافي مشتاق پٺاڻ تي پڻ ميرپور ماٿيلو ۾ ھٿياربندن حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھيو جنھن بعد ھو اتان پنھجي علائقي ۾ لڏ پلاڻ ڪري ويا ھئا . صحافي اسرافيل ميرپور ماٿيلو ۾ ڪيترائي سال صحافت ڪرڻ بعد ڪجھ عرصو اڳ پنھجي اباڻي علائقي موسي خيل ۾ شفٽ ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.