گلگت بلتستان ۾ ووٽ عمران خان جو آهي:عورتون

واشنگٽن(شهباز گل)گلگت بلتستان ۾ چونڊن جو ڏينهن گذري ويو، اتي پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي مهم هلائي ، پر پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. پارٽي کي چونڊ نشان "بيٽ” به نه ڏنو ويو.مسلم ليگ (ن) شينهن جي نشان تي ۽ پيپلز پارٽي تير جي نشان تي چونڊ وڙهي ، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي آزاد اميدوارن طور مختلف چونڊ نشان ڏنا ويا آهن، جيئن 2024ع جي عام چونڊن ۾ ٿيو هو.دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن اهي اميدوار کٽي به وڃن ته پوءِ کين آزاد اميدوار قرار ڏئي دٻاءُ هيٺ ڪنهن به سياسي ڌر ۾ شامل ڪرايو وڃي.  پر ان سڀ جي باوجود عوام حيران ڪندڙ جوش ڏيکاريو آهي ۽ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ سٺو نظر اچي رهيو آهي.ٽرن آئوٽ گهٽ رکڻ لاءِ ڪجهه هنڌن تي پولنگ اسٽيشنن جا دروازا وقت تي نه کوليا ويا، جڏهن ته ووٽر ڊگهيون قطارون ٺاهي بيٺل هئا. ماڻهن جي وڏي انگ ۾ ووٽ وجهڻ سبب مبينا ڌانڌلي ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿي. رپورٽ موجب جڏهن عوام وڏي تعداد ۾ نڪري ووٽ وجهي ٿي، تڏهن پولنگ اسٽيشنن تي نتيجا تبديل ڪرڻ يا ووٽن ۾ هير ڦير ڪرڻ آسان نه هوندو آهي.هڪ وڊيو ۾ ڪجهه عورتن کان پڇيو ويو ته هو ڪنهن کي ووٽ ڏينديون؟هڪ عورت جواب ڏنو:اسان عمران خان کي ووٽ ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو عظيم اڳواڻ آهي. اسان پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ عمران خان جي سوچ تي يقين رکون ٿا.”ٻي عورت چيو:اسان ڪپتان کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ووٽ نٿا ڏئي سگهون.”رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ٻار هجن يا عورتون، ڪيترائي ماڻهو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت ۾ ٻاهر نڪتا آهن، جيتوڻيڪ پارٽي کي پنهنجي اصل چونڊ نشان سان چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ملي.گلگت بلتستان ۽ آزادڪشمير ۾ به سياسي شعور وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي حقن بابت وڌيڪ سرگرم ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن عوام جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته سياسي بيچيني وڌي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.