پاڪستاني ٽياڪڙن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري، آمريڪا جو بار بار بدلجندڙ موقف ڳالهين جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين ۾ بنيادي مسئلو واشنگٽن جو بدلجندڙ ۽ تڪراري موقف آهي.
تهران ۾ هڪ انٽرويو دوران اسماعيل بقائي چيو ته پاڪستاني ٽياڪڙن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، پر آمريڪي انتظاميا سان ڳالهين ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اتي هر وقت بدلجندڙ پوزيشنون، مختلف بيانن ۽ مختلف عهديدارن جا تڪراري رمارڪس اچن ٿا، جيڪي سڄي عمل کي ڏکيو بڻائي ڇڏين ٿا.
ترجمان چيو ته آمريڪن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته کين ايران جي حقن کي قبولڻو پوندو، جنهن ۾ عالمي معاهدن تحت پرامن ايٽمي واڌ وارو حق پڻ شامل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسان جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ لاءِ ڪا به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
واضح رهي ته آمريڪا ايراني منجمد اثاثن کي نار ملڪن ۾ نئين سر اڏاوت استعمال ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو، جنهن تي ردعمل ظاهر ڪندي اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا کي رڳو پنهنجون پابنديون ختم ڪري ايراني اثاثا آزاد ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي ايراني عوام لاءِ استعمال ٿي سگهن.
ايراني ترجمان اپريل ۾ ٿيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي چيو ته آمريڪا آبناءِ هرمز ۽ سمنڊ ۾ سندن واپاري جهازن تي حملا ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.