گلگت بلتستان چونڊون، ووٽن جي ڳڻپ جاري، نتيجا اچڻ شروع، پ پ ڪيترن ئي تڪن تي اڳتي

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 تڪن تي ٿيل چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.
گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مجموعي طور تي 403 اميدوارن حصو ورتو. چونڊن لاءِ مختلف پولنگ اسٽيشنن تي صبح کان ئي ووٽرن جو رش رهيو ۽ ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ ڊگهين قطارن ۾ بيٺل نظر آيا، پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.
مختلف تڪن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا هيٺ ڏجن ٿا:
تڪ جي بي اي 1 گلگت 1: 80 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، پيپلز پارٽي جو امجد حسين 703 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو محمد شفيع الدين 435 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 2 گلگت 2: 91 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب،، ن ليگ جو حفيظ الرحمان 201 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو جميل احمد 191 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 4 نگر 1: 53 مان 3 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، اسلامي تحريڪ جو محمد ايوب وزير 403 ووٽ کڻي اڳتي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو محمد علي اختر 232 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 6 هنزا: 88 مان 5 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب،، آزاد اميدوار نيڪ نام ڪريم 364 ووٽ کڻي پهرئين ۽ آزاد اميدوار راجا نظيم الامين 260 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 7 اسڪردو 1: 31 مان 5 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب،، استحڪام پاڪستان پارٽي جو راجا جلال حسين خان 694 ووٽ کڻي اڳتي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو سيد توقير مهدي 556 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 8 اسڪردو 2: 70 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، ن ليگ جو امتياز حيدر خان 214 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو سيد محمد علي شاهه 80 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 9 اسڪردو 3: 54 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، آزاد اميدوار وزير محمد سليم 405 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو فدا محمد ناشاد 18 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 10 اسڪردو 4: 51 مان 5 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، مجلس وحدت المسلمين جو مشتاق حسين 457 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو ناصر علي خان 385 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 11 کھرمنگ: 51 مان 5 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، پيپلز پارٽي جو اقبال حسن 846 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو سيد محسن رضوي 315 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 12 شگر: 71 مان 6 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، پيپلز پارٽي جو عمران نديم 1115 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو طاهر شگري 480 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 16 ديامر 2: 42 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، استحڪام پاڪستان پارٽي جو عتيق الله 195 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو عطا الله 143 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 18 ديامر 4: 32 مان 2 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، استحڪام پاڪستان پارٽي جو گلبر خان 386 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو ڪفايت الرحمان 139 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 19 غذر 1: 78 مان 8 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، آزاد اميدوار نواز خان ناجي 1133 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو ظفر محمد 753 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 20 غذر 2: 69 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، پيپلز پارٽي جو نذير احمد 126 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو عبدالجهان 77 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 21 غذر 3: 60 مان 1 پولنگ اسٽيشن جي نتيجي موجب، پيپلز پارٽي جو محمد ايوب شاهه 87 ووٽ کڻي پهرئين ۽ ن ليگ جو غلام محمد 70 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 22 گھانچي 1: 58 مان 7 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، ن ليگ جو محمد ابراهيم ثنائي 951 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو عاشق حسين 888 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 23 گھانچي 2: 50 مان 3 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، آزاد اميدوار انور علي 651 ووٽ کڻي پهرئين ۽ آزاد اميدوار عبدالحميد 79 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ جي بي اي 24 گھانچي 3: 46 مان 12 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجي موجب، آزاد اميدوار اسد شفيع 2155 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پيپلز پارٽي جو محمد اسماعيل 835 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.

 

You might also like