ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ناميارو پاڻي جو ماهر، اديب، محقق، 5 کان وڌيڪ ڪتاب جو مصنف ۽ آبپاشي کاتي جو اڳوڻو چيف انجنيئر انجنيئر اوڀايو خان خشڪ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازو ٺٽي شھر خشڪ ھائوس پھچڻ تي ھر اک آلي ٿي ويئي، سندس جنازي نماز ٺٽي شھر ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان پيرپٺو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، نواز خان زنئور، صوفي حضور بخش، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، هوت خان بلوچ، جست اڳواڻ راول ڪرناڻي، جسقم بشير خان قريشي جو ضلعي صدر بابو جان خشڪ، صادق لاکو سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري اوڀايو خان خشڪ جي وڇوڙي کي سنڌ لاءِ قومي نقصان قرار ڏيندي چيو ته اوڀايو خشڪ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس ڀرپور نموني وڙھندي پاڻي معاملي تي 5 کان مٿي ڪتاب لکيا. سندس ڪيل خدمتون ھميشہ ياد رھنديون.
اوڀايو خشڪ جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي:ساڃاهه وند
ٺٽو: پ پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو ليکڪ ۽ پاڻي ماھر اوڀايو خان خشڪ جي اوچتي وڇوڙي تي گھري غم ۽ ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي، اوڀائي خان خشڪ سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي تي شاندار ڪم ڪيو، ھن سنڌو درياء تي ڊيمن ۽ ڪئنالن سميت پنجاب پاران نئون ڪئينالن جي اڏاوت خلاف واضع ۽ چٽو موقف رکيو، ھن چيو تہ ھي وڇوڙو ھڪ فرد جو نہ پر اھڙي اداري ۽ پاڻي جي ترجمان جو وڇوڙو آھي، جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگھبو، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراھ صنعان خان قريشي گھري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اوڀايو خشڪ جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي، هي سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهيو، هن سنڌو درياھ جي پاڻي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي جي ڪيس بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا، "سنڌ پنجاب پاڻي مامرو” "سنڌو جو رستو نه روڪيو” "درياءُ سنڌ ڪو بچايو” "هائيڊرو پاليٽڪس” سميت ٻيا ڪتاب لکي هن سنڌ جي پاڻي جو ڪيس مضبوط ڪيو. ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودو ديشي چيو ته انجنيئر اوڀايو خان خشڪ انهن ٿورڙن ماهرن مان هو، جن پاڻي جي مسئلن کي رڳو انجنيئرنگ جي نقطهءِ نظر سان نه، پر سماجي، اقتصادي، ماحولياتي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ سمجهي، ان تي نه فقط ڳالهايو پر وڏي ذميواريءَ سان قلمبند پڻ ڪيو هن سنڌو درياهه جي وهڪرن، پاڻي جي ورڇ، آبپاشي نظام، زيرزمين پاڻي، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي، سمنڊ جي چاڙھ ۽ آبهوا جي تبديليءَ جي اثرن تي گهري تحقيق ڪئي. هن چيو ته اڄ سنڌ پنهنجي هڪ سچي سپاهي، محقق، دانشور ۽ عاشقِ سنڌ کان محروم ٿي وئي آهي، پر سندس ڪتاب، تحقيقي مقالا، تقريرون ۽ فڪري ورثو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو اهم ذريعو رهندو. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور،محمد علي خشڪ عروج سنڌو۔صوفي حاجن گل۔فراز سنڌي وڪيل خاصخيلي۔۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته اوڀايو خشڪ جو وڇوڙو قومي نقصان سمجھون ٿا۔سنڌو درياھ ھڪ وڪيل کان محروم ٿي ويو ھو سنڌ پرست انسان ھو سندس قلم درياھ جي بحالي لاء ھوندو ڊيمن ڪئينالن کي سنڌ دشمن منضوبا سمجھندو ھو۔اوڀايو ماضي ۾ قومپرست سياست ۾ به سرگرم رھيو پاڻي جو ماھر ۽ سنڌو درياھ جو ڪيس مضبوطي سان رکيو
سنڌي ادبي سنگت ٺٽو ۽ سنڌ ڪلچرل فورم پاران سوڳ جو اعلان
ٺٽو: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو ۽ مڪلي سميت سنڌ ڪلچرل فورم پاران پاڻي ماھر اوڀايو خشڪ جي لاڏاڻي تي ٽن ڏينهن تائين تنظيمي سرگرميون معطل رکڻ جو اعلان. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو پاران سنڌو درياءَ جي طرفدار پاڻي ماھر انجنيئر اوڀايو خشڪ جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اوڀايو خشڪ جو وڇوڙو اھڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏھن درياء دشمن قوتون سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال ء ڊيم ٺاھڻ جون رٿائون جوڙي رھيا آھن اوڀايو خشڪ ھميشه سنڌو درياءَ ،انڊس ڊيلٽا،ماحول ۽ فطرت دوست ليکڪ رھيو جنھن ھر موقعي ۽ اسٽيج تي وڏي دليريءَ ۽ دليلن سان درياءَ, ڊيلٽا ۽ ماحول جو ڪيس وڙهيو ،سندس شاندار قلمي پورهئي جي مڃتا ۽ سندس لاڏاڻي جي ڏک ۾ سنڌ ڪلچرل فورم پاران سموري سنڌ ۾ ٽن ڏينهن تائين تنظيمي سرگرميون معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو ۽ مڪلي جي اڳواڻن غلام حسين گگدام، فقير اڪرم مڱڻھار، رمضان ميمڻ، عبدالمجيد جماري ۽ ٻين پاڻي ماھر انجنيئر اوڀايو خشڪ جي اوچتي وڇوڙي تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي ٽن ڏينھن تائين سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي.