اسلام آباد/تهران(بيورو+م ڊ)پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي اندروني سلامتي، امن امان جي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا.ملاقات دوران گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ وفاقي گهرو وزارت طرفان کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.ٻئي پاسي محسن نقوي تهران روانو ٿي ويو آهي.ايراني ميڊيا جي ڪجهه ذريعن موجب، محسن نقوي اسلامي جمهوريه ايران جي اعليٰ اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي لاءِ هڪ اهم پيغام کڻي وڃي رهيو آهي.رپورٽن موجب محسن نقوي گذريل مهيني هڪ هفتي اندر ٻه ڀيرا ايران جو دورو ڪري چڪو آهي. انهن دورن دوران هن ايراني صدر، پارليامينٽ جي اسپيڪر، پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير سان ملاقاتون ڪيون هيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سفارتي رابطن ۽ ڳالهين جي سلسلي ۾ پاڪستان هڪ اهم ثالثي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.تهران روانگي کان اڳ محسن نقوي، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن پنهنجي ايران جي دوري بابت هدايتون ۽ مشاورت حاصل ڪئي.سفارتي حلقن موجب، هن دوري دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ باهمي دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.