ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي مختلف علائقن اڄ کان 12 جون تائين هيٽ ويو جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي جنهن دوران گرمي پد معمول کان گهڻو وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان 11 جون تائين فضا ۾ هاءِ پريشر سسٽم برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿيندي. ڪراچي ۾ 8 کان 12 جون دوران تيز گرمي جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.،ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پشاور، مردان، بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ گرمي پد 41 کان 46 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ٻين علائقن ۾ 41 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ گرمي پد 44 کان 48 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين انتهائي تيز گرمي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب 7 کان 12 جون دوران ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون ۽ مٽيءَ جا طوفان به ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سخت گرمي دوران احتياطي اپاءَ اختيار ڪري، خاص طور تي ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جي صحت جو خاص خيال رکيو وڃي.