گلگت بلتستان ۾ اڄ چونڊون، انٽرنيٽ سروس بند

گلگت(عوامي آواز نيوز)گلگت بلتستان ۾ اسيمبلي چونڊن کان اڳ انٽرنيٽ سروس اوچتو بند ٿيڻ سبب شهرين کي رابطن ۽  آن لائين سهولتن جي استعمال ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.رپورٽن موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 عام سيٽن لاءِ ووٽنگ 7 جون تي ٿيندي، جنهن ۾ مجموعي طور 403 اميدوار ميدان ۾ آهن.چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا 23، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا 22، استحڪام پاڪستان پارٽي جا 15، پاڪستان مسلم ليگ جا 11، جمعيت علماءِ اسلام جا 9، مجلس وحدت المسلمين جا 7، جڏهن ته جماعت اسلامي پاڪستان ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان ڇهن ڇهن سيٽن تي اميدوار بيهاريا آهن. ان کانسواءِ لڳ ڀڳ 266 آزاد اميدوار پڻ مقابلي ۾ شامل آهن.اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ لڳ ڀڳ 9 لک 58 هزار 480 رجسٽرڊ ووٽر حق راءِ دهی استعمال ڪندا.سيڪيورٽي انتظامن جي سلسلي ۾ گلگت شهر ۾ موبائل انٽرنيٽ، فائبر نيٽ ۽ وائي فائي سروس مڪمل طور بند هجڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جنهن سبب شهرين کي روزمرهه رابطن ۽ ڪاروباري معاملن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.سرڪاري طور تي اڃا تائين انٽرنيٽ سروس جي بندش بابت ڪو باضابطه اعلان يا وضاحت جاري نه ڪئي وئي آهي، پر سياسي اڳواڻن ۽ مقامي شهرين جو خيال آهي ته چونڊن جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي اها سروس عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي.سياسي مبصرن موجب ڪيترن ئي تڪن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب هن ڀيري گلگت بلتستان جون چونڊون خاص اهميت اختيار ڪري ويون آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.