گلگت(عوامي آواز نيوز)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل ٽن نسلن کان گلگت بلتستان جي عوام جي حقِ حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.پنهنجي چونڊ مهم جي پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ پيپلز پارٽي هميشه سندن سياسي ۽ آئيني حقن جي حمايت ڪئي آهي.هن چيو ته صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان کي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ انتظامي سڌارا آندا ويا.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ايف سي آر ۽ راج شاهي نظام جو خاتمو ڪري علائقي جي عوام کي وڌيڪ حق ڏياريا ۽ سبسڊي فراهم ڪئي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هاڻي سندس، عوام ۽ نئين نسل جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکن. هن ووٽرن کي اپيل ڪئي ته 7 جون تي تير جي نشان تي مهر هڻي پيپلز پارٽي کي ڪامياب بڻائين ته جيئن هو اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان جي حقِ حاڪميت لاءِ وڌيڪ اثرائتي نموني آواز اٿاري سگهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ملڪ ۾ وڌيڪ آئيني ۽ سياسي حقن جي واڌ بابت نوان قدم کنيا ويندا.واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ 7 جون تي ٿيندي، جتي مختلف سياسي پارٽيون پنهنجي چونڊ مهم جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.