چين پاران پاڪستان جي ٽياڪڙي ڪردار جي واکاڻ

تهران(عوامي آواز نيوز) ايران ۾ چين جي سفير ڪانگ پيوو چيو آهي ته چين وچ اوڀر ۾ امن جي فروغ، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ عارضي  جنگ بندي لاءِ سهولتڪاري ۽ اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ميزباني بابت پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهي ٿو.ايراني خبر ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيني سفير چيو ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته سمورن اختلافن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي نڪرڻ گهرجي.هن چيو ته چين ايران جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي حق جي حمايت ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون تعميري ڪوششون جاري رکندو.ڪانگ پيوو وڌيڪ چيو ته چين جو خطي ۾ ڪو ذاتي مفاد ناهي ۽ هو هميشه امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن زور ڏنو ته مستقل جنگ بندي لاءِ ڳالهين جو عمل جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي.چيني سفير آبنائي هرمز جي اهميت بابت ڳالهائيندي چيو ته اها عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم سامونڊي رستو آهي، تنهنڪري ان جي سلامتي ۽ کليل رهڻ پوري دنيا جي مفاد ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ چين وچ ۾ معمول جون واپاري سرگرميون ٻاهرين دٻاءَ کان متاثر نه ٿينديون. سندس چوڻ هو ته چين ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي ٻنهي ملڪن جي جائز معاشي سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندو.چيني سفير زور ڏنو ته عالمي برادري "جهنگ جي قانون” ڏانهن واپس نٿي وڃي سگهي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي جنگ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته بين الاقوامي قانونن ۽ گهڻ رخي عالمي نظام جي اهميت اڳ کان به وڌيڪ وڌي وئي آهي.انٽرويو دوران هن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ تعاون جو رستو ئي سڀ کان مؤثر طريقو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.