ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي هڪ غريب نواز شهر آهي، مان چاهيان ٿو ته هنزه به ڪراچي جهڙو بڻجي، گلگت بلتستان جي چونڊ مهم دوران خرم دستگير طرفان ڪراچي ۽ لاهور جي ترقي بابت ڏنل بيان جو جواب ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ليگي اڳواڻ هنزه ۾ چونڊ مهم دوران سوال اٿاري رهيو هو ته هنزه لاهور جهڙو هئڻ گهرجي يا ڪراچي جهڙو، جڏهن ته هو گلگت بلتستان کي پنجاب يا سنڌ سان ڀيٽڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جهڙيون قدرتي آفتون اچن ٿيون ته حڪومت عوام سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ڏکين حالتن ۾ به بلاول ڀٽو زرداري عوام سان گڏ هوندو آهي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي، جن مان 12 لک گهر اڳ ئي متاثر خاندانن حوالي ڪيا ويا آهن، مرتضيٰ وهاب چيو ته لاهور جو مقابلو ڪراچي سان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪراچي اهو شهر آهي جتي پاڪستان جي مختلف علائقن مان ماڻهو اچي روزگار حاصل ڪن ٿا، ڪراچي غريب ماڻهن جي مدد ڪندڙ شهر آهي ۽ هو چاهيندو ته هنزه به ڪراچي وانگر ملڪ جي خدمت ڪري، عوام کي کوکلين دعوائن بدران صحيح حڪمت عملي ۽ عملي قدمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.