ڪراچي (پ ر) سنڌ جي سڀ کان وڏي ۽ متحرڪ سماجي تنظيم، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، سگا ڪراچي شاخ پاران تنظيم جي 54 هين سالگرهه، سالياني ايوارڊ پروگرام ۽ نامياري علمي شخصيت ماستر حيدر بخش هڪڙي جي نئين ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر“ جي مهورتي تقريب 4 جون 2026 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ نهايت شاندار نموني سان ملهائي وئي، تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جنهن جي سعادت قاري اياز محمود انڍڙ، شاهه جي شاعري لاءِ محمد شعيب بڪڪ ۽ شاهه جي وائي وزير فرحاد سولنگي پيش ڪئي. اسٽيج تي سنڌ جي نالي واريون سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتون موجود هيون، جن ۾ صوبائي وزير محترم سرفراز راڄڙ، سيڪريٽري ڪلچر خير محمد ڪلوڙ حڪومت سنڌ، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سگا جو باني اڳواڻ، مدد علي سنڌي ناميارو اديب ۽ دانشور، رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا، اشفاق ميمڻ ميمبر سگا ڪراچي شاخ، پروفيسر خالد حسين چنا وائيس چيئرمين سگا، اي بي لاشاري صدر سگا ڪراچي شاخ، فتح محمد کھاوڙ جنرل سيڪريٽري موجود هئا. سگا جي 54 سالا پرفارمنس ۽ تاريخي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي وئي ۽ مقررن تنظيم جي بي لوث خدمتن کي تمام گهڻو ساراهيو جن چيو ته سگا جي سڀ کان وڏي ڪارڪردگي سنڌ جي پسمانده ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جو ڄار وڇائڻ آهي. تنظيم پاران قائم ڪيل ”روشن تارا اسڪولن“ سنڌ جي هزارين غريب ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪئي آهي، جيڪي اڄ اعليٰ عهدن تي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه پبلڪ اسڪول گڏاپ جو انتظامي ڪردار ۽ اتي معياري تعليمي معيار کي برقرار رکڻ آهي، جتي نوجوانن جي جديد دور جي گهرجن موجب ذهني تربيت ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه غريب ۽ ذهين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام، ڪيريئر گائيڊنس ۽ تعليمي رهنمائي سگا جي وڏي ڪاميابي آهي. سگا رڳو تعليم تائين محدود ناهي رهي، پر صحت جي ميدان ۾ تنظيم تمام وڏي ڪارڪردگي ڏيکاريندي مستقل هيلٿ ميڊيڪل سينٽرز ۽ بلڊ بئنڪس قائم ڪيا آهن. ٻهراڙين ۾ چمڙي جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ خاص اسڪن ڪئمپس ۽ اکين جي بينائي بحال ڪرڻ لاءِ فري آئي ڪئمپس لڳائندي آهي، جتي هزارين مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ويندا آهن ۽ کين چشما پڻ ڏنا ويندا آهن، مقررن گڏيل طور تي عزم ورجايو ته سگا رڳو هڪ تنظيم ناهي پر سنڌ جو قيمتي اثاثو آهي، جنهن جي هيءَ شاندار پرفارمنس ائين ئي جاري رهندي. ان موقعي تي تنظيم جي 54 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ وڏي جوش سان ڪاٽيو ويو.