پيپلز پارٽي ڪڏهن به عوام جو ساٿ ناهي ڇڏيو: آصفه ڀٽو

نگر (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداری چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو نالو آهي ۽ هن جماعت  عوام جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي، نگر ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پهرين ترجيح هميشه عوام رهيو آهي، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو گلگت بلتستان کي پاڪستان جو فخر سمجهي ٿو ۽ هو عوام جي مستقبل، تعليم ۽ ترقي بابت ڳالهائي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته بلاول چاهي ٿو ته علائقي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملن ۽ کين بهتر تعليم ۽ روشن مستقبل حاصل ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.