حيدرآباد(رپورٽر) ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس ۾ وومين پروٽيڪشن سيل ۽ انساني حقن جي سيل جي اڳوڻي انچارج ماريه ساريو جي عھدي تي بحالي لاءِ ڪيل احتجاج دوران ماريه ساريو ۽ گرفتار ڪيل 15 کدڙن کي پوليس جي سخت پھري ھيٺ ھٿڪڙيون ھڻي حيدرآباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت کدڙن سميت ماريا ساريو کي 14 ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي وومين جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو. حيدرآباد جي 10 کان وڌيڪ وڪيلن پاران کدڙن فقيرن جي ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ وڪالت ناما جمع ڪرائي ڇڏيا، عدالت ۾ ڪينٽ پوليس جي آفيسر درخواست ڏني ته اسان کي کدڙن فقيرن ۽ انساني حقن جي سيل جي اڳوڻي انچارج ماريا ساريو جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن وڌيڪ اسان جاچ ڪريون. جنھن تي کدڙن فقيرن جي وڪيلن عدالت کي درخواست ڪئي ته کدڙن فقيرن کي ۽ انساني حقن جي سيل جي اڳوڻي انچارج ماريا ساريو کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. حيدرآباد پوليس کدڙن فقيرن کي گرفتار ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو آھي. جنھن سبب کدڙن فقيرن جي زندگي کي خطرو آھي. عدالت پوليس جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي 15 کدڙن سميت ماريا ساريو کي 14 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ماريا ساريو جي ڪيس جي پيروي سپريم ڪورٽ جو ناميارو وڪيل اشفاق خاصخيلي ڪري رھيو آھي، جڏھن ته انساني حقن جي اڳواڻ عاصم جھانگير جي نالي سان قائم ٿيل ليگل فورم جي نامياري وڪيل غلام سرور وڪو جي اڳواڻي ۾ 10 کان وڌيڪ وڪيل کدڙن فقيرن جي ڪيس جي پيروي ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس ۽ وومين پوليس جي وڏن اٽالن سخت پھري ھيٺ پوليس جي وڏي گاڏي ۾ کدڙن فقيرن سميت انساني حقن جي سيل جي اڳوڻي انچارج ماريا ساريو کي حيدرآباد جي عدالت ۾ آندو ويو، ان موقعي تي وڏي انگ ۾ وڪيل انساني حقن جاڪارڪن ۽ صحافي پھتل ھئا. حيدرآباد پوليس صحافين کي کدڙن فقيرن سان ڳالھائڻ کان روڪي ورتو، اھڙي صورتحال تي کدڙن فقيرن دانھون ڪندي چيو ته اسان ايس ايس پي آفيس ۾ پرامن احتجاج ڪيو پر پوليس گرفتار ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي اسان سان ظلم ڪيو آھي. اسان سان انصاف ڪريو فقيرن سان انصاف ڪريو کدڙن فقيرن دانھون ڪندي رڙيون ڪندا رھيا. جن ظلم ڪيو آ. الله پاڪ انھن کان حساب وٺندو, اسان فقيرن سان الله انصاف ڪندو.