جمهوري ادارن کي بيورو ڪريسي ڪمزور ڪيو، اسٽيبلشمينٽ چونڊن ۾ مداخلت نه ڪري:رضا رباني

ڪراچي (ماريا اسماعيل) سياسي اڳواڻن، جمهوريت پسند ڪارڪنن، وڪيلن، انساني حقن جي ڪارڪنن، صحافين، ماهرنِ تعليم ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ملڪ ۾ جمهوري قدرن جي هٿي ڏيڻ، بنيادي حقن جي تحفظ ۽ محدود ٿيندڙ جمهوري جڳهن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي۔اهي مطالبا راواداري تحريڪ پاڪستان جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل "جمهوريت سمٽ” کي خطاب ڪندي ڪيا ويا۔ سمٽ جو عنوان "جمهوريت لاءِ اتحاد: جمهوري جڳهن جي بحالي ۽ حقن جو تحفظ” هو۔ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ سينيٽر رضا رباني چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي اهڙيون پاليسيون مڙهي رهيو آهي جيڪي عوام جي مفاد ۾ ناهن۔ هن چيو ته آءِ ايم ايف جي هدايتن سبب حڪومت کي بجيٽ جي اعلان ۾ به دير ڪرڻي پئي۔هن چيو ته سول ۽ عسڪري بيوروڪريسي جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪيو۔ سندس چوڻ هو ته آمرن کي خبر هئي ته شاگرد ۽ مزدور جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهنڪري شاگرد يونينن ۽ ٽريڊ يونينن کي ڪمزور ڪيو ويو. سمٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر حسيب جمالي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو ۽ انساني حقن جي ماهر اقبال احمد ڏيٿو سميت ٻين مقررن به خطاب ڪيو. مقررن جمهوري ادارن جي مضبوطي، آئين جي بالادستي، اظهارِ راءِ جي آزادي، صوبائي خودمختياري، انساني حقن جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني جي اهميت تي زور ڏنو۔سمٽ جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ارادو ڪيو ته هو جمهوري آزادين جي تحفظ، آمريت پسند رجحانن جي مخالفت ۽ هر قسم جي امتياز ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد جاري رکندا۔  راواداري تحريڪ پاڪستان جي نائب چيئرمين ديدار احمد ميراڻي سمٽ جي شرڪت ڪندڙن طرفان ” ڪراچي پڌرنامو” پيش ڪيو. اعلاميي ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي مسئلن جي حل لاءِ سڀني اهم ڌرين تي مشتمل هڪ جامع قومي سياسي ڳالهه ٻول شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي۔ پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ، قومي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ ڳالهه ٻولهه اڻٽر آهي. پڌرنامي ۾ رياستي ادارن تي زور ڏنو ويو ته هو پنهنجي آئيني دائري اندر رهي ڪم ڪن ۽ اختيارن جي حد کان  اڳتي نه وڌي. شرڪت ڪندڙن شفاف، جوابده ۽ عوام دوست طرزِ حڪمراني جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو۔چونڊ سڌارن جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن چيو ته جيتوڻيڪ چونڊ نظام ۾ ڪيترائي حفاظتي قدم موجود آهن، پر رياستي ادارن جي غيرجانبداري يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن چونڊن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي۔اعلاميي ۾ وفاقي نظام تحت صوبائي خودمختياري کي به اهم قرار ڏنو ويو۔ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته مضبوط ۽ بااختيار صوبا قومي يڪجهتي، سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏين ٿا۔سمٽ جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن جمهوريت، انساني حقن، آئين جي بالادستي ۽ هڪ منصفاڻو ۽ شموليتي سياسي نظام قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.