وچ اوڀر ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو

نيويارڪ (م ڊ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا، جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ  رڪارڊ ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ(ڊبليو ٽي آءِ ) ڪچو تيل 3.16 ڊالر سستو ٿيڻ سان 92.86 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو آهي،ان کانسواءِ برطانوي برينٽ تيل 3.41 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 94.83 ڊالر في بيرل تي بند ٿيو. ٻئي پاسي نيچرل گيس جي قيمت ۾ 1.18 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اها 29.3 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تي پهچي وئي آهي.

بلوچستان ۾ پيٽرول بحران، في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل 500 رپين ۾ وڪرو

ڪوئيٽا(ع آ نيوز) بلوچستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بحران جي ڪري هڪ ليٽر پيٽرول يا ڊيزل 500 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو. ڪوئيٽا  ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ جي ڪري مختلف علائقن ۾ ڪجهه پيٽرول پمپ اڃا تائين بند آهن ۽ کليل پيٽرول پمپن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ ڊگهيون قطارون نظر اچي رهيون آهن، جنهن ڪري شهري ذهني پريشاني جو شڪار آهن. صوبي جي اندروني علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. نوشڪي، خاران، لورالائي ۾ في ليٽر قيمت 500 رپين تائين پهچي وئي آهي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر قيام الدين آغا موجب، شڪارپور مان پيٽرول جي سپلاءِ وڌائي وئي آهي ۽ صورتحال هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ معمول تي اچي ويندي. ڊي سي ڪوئيٽا جو چوڻ آهي ته ايراني پيٽرول جي سپلاءِ بند ٿيڻ سبب پيٽرول پمپن تي رش وڌي وئي آهي. اڄ ڪوئيٽا ۾ پيٽرول پمپن تي 600,000 ليٽر پيٽرول سپلاءِ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.