شرجيل ميمڻ جي وفاقي وزير محسن نقوي سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي امن امان، بين الصوبائي سهڪار، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف اهم معاملن تي خيال ونڊيا  ويا.ملاقات ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي روڪ ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سنڌ حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌ پوليس مشڪل حالتن ۾ بهادري، پيشیوراڻي صلاحيت ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي امن امان بحال ڪرڻ ۾ قابل تعريف ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. ملاقات دوران سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مؤثر رابطو ۽ سهڪار قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي.هن چيو ته قومي مفاد وارن معاملن ۾ سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.