سنڌ ۾ عوامي ڀلائي جا ادارا نه جڙي سگهيا، محنت سان قوم جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر) سگا جي اڱ چيئرمين ۽ باني اڳواڻ ڪھاڻيڪار ليکڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سالگرهه تقريب شيخ سلطان ٽرسٽ جي عمارت ۾ زيبسٽ جي ھال ۾ منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي اسماعيل پنھور خطاب ڪندي چيو ته سگا ۾ شامل ڪندڙ ڊاڪٽر سليمان شيخ آھي ۽ ھر سال پنھنجي پاران ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سالگرهه تقريب ڪندو رھندو آھيان سگا سنڌ جي خدمت ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به نه ڪئي آھي  آرٽس  ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي لوڪ ورثو ڪميٽي جي چيئرمين  ڊاڪٽر ايوب شيخ چيوته ڊاڪٽر سليمان شيخ ڊاڪٽري جھڙو شعبو ڇڏي سنڌ واسين جي خدمت ۾ زندگي ڏئي ڇڏي آھي ھن چيوته پ پ ۽ سگا ڪالهھ کان اڄ بھتر نه آھي اچو ته گڏجي سنڌ لاءِ ڪجھه ڪريون.  عبدالرحيم موسوي چيوته سنڌ سوشل ورڪرن سان مالا مال آھي صرف ان اک سان ڏسڻ گھرجي سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي باني ۽ آرگنائيزر نصير گوپانگ چيو ته اسان جي خوش نصيبي آھيو جنھن دؤر ۾ اک کولي آھي اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ مليو آھي اسان جي بد نصيبي ته سنڌين جو فلاحي ادارا نه ٺھي سگھيا آهن ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي وفات ڪري ٿو ته ان لاءِ ايمبولينس سروس نه آھي لاش کڻي ڳوٺ پھچائڻ لاءِ پريشان آهن. سنڌ ڄائو دبئي واسي امداد بلوچ چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ کان متاثر ٿي ڪري سماجي ڪم شروع ڪيا سوين سنڌين کي روزگار سان لڳايو . زيبسٽ جي ڊائريڪٽر وحيده مھيسر چيوته ڊاڪٽر سليمان شيخ نوجوانن جو اتساهه آھن ڊاڪٽر سليمان شيخ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي به اڳتي آندو آهي. انور سيال چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ جو پھريان معتقد ھيس پر ھاڻ گھٽ ٿي ويو آھيان سگا جا يارنهن ھزار ميمبر سنڌ ۽ پاڪستان جي تقدير بدلائي سگھن ٿا، سگا جي اڳوڻي چيئرمين ۽ باني ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته تاريخ ظالم آھي ھر شي صاف ٻڌائي ٿي اسان کي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي توھان جي اندر ۾ قاضي ويٺو آهي . جيڪو ٻڌائي ٿو ڇا غلط آھي يا صحيح آھي اسان جي نيت صاف آهي اسان پنھنجو ڪم ڪندا رھندا سين ان موقعي تي ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سنڌي اجرڪ سنڌي ٽوپي گلن جا ھار لونگي جا تحفا ڏنا ويا جڏهن  ته سالگرھ تقريب ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.