ميٽا پاران ڊسمبر 2025ع ۾ متعارف ڪرايل آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) سپورٽ اسسٽنٽ، جنهن جو مقصد اڪائونٽ ريڪوري جي عمل کي تيز ۽ آسان بڻائڻ هو، هاڻي سيڪيورٽي خدشن جو سبب بڻجي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هي اي آءِ اسسٽنٽ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي لاڪ ٿيل اڪائونٽس جي بحالي لاءِ تيار ڪيو ويو هو، پر سيڪيورٽي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته هيڪرن ان ئي ٽول کي استعمال ڪندي ڪيترن ئي انسٽاگرام اڪائونٽس تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن اي آءِ ٽول اڪائونٽ ٽيڪ اوور ڪرڻ جو عمل حيران ڪندڙ حد تائين آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ڀلي اڪائونٽ تي ٽو فيڪٽر آٿينٽيڪيشن فعال هجي.
سڪيورٽي ماهرن موجب هيڪرز چيٽ بوٽ کي اڪائونٽ سان لاڳاپيل اي ميل تبديل ڪرڻ لاءِ چوندا هئا ۽ پوءِ پاسورڊ ري سيٽ جي درخواست ڪندا هئا. ان عمل جا تفصيل، اسڪرين شاٽس ۽ وڊيوز ٽيليگرام تي به گردش ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب، مارچ کان ٽيليگرام گروپن ۾ هن سيڪيورٽي خامي بابت بحث جاري هو.
ميٽا جي ترجمان چيو آهي ته ڪمپني هن مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو آهي ۽ متاثر ٿيل اڪائونٽس جي اسڪيننگ جاري آهي. جڏهن ته ڪمپني اهو واضح نه ڪيو ته اي آءِ ٽول ۾ اهڙي وڏي سيڪيورٽي ڪمزوري ڪيئن پيدا ٿي. رپورٽموجب ، هيڪرز اهو ڄاڻي ورتو هو ته چيٽ بوٽ سپورٽ فراهم ڪرڻ وقت اڪائونٽ هولڊر جي جغرافيائي لوڪيشن تي ڀاڙيندو آهي، تنهن ڪري اهي وي پي اين استعمال ڪري پنهنجي لوڪيشن کي متاثر ٿيل واهپيدار جي لوڪيشن سان ملائيندا هئا.
رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته هن خامي سبب ڪيترائي هاءِ پروفائل اڪائونٽ به متاثر ٿيا، جن ۾بيرڪ اوباما سان لاڳاپيل وائيٽ هائوس جو انسٽاگرام اڪائونٽ پڻ شامل آهي. جڏهن ته، اڃا تائين اهو واضح ناهي ته مجموعي طور ڪيترا اڪائونٽ متاثر ٿيا هئا.