بلاول جو فارم 45 بابت بيان حقيقت ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ هو ته توهان جو مينڊيٽ چوري ٿي رهيو آهي: شازيه مري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻ شازيا مري گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ وفاقي حڪومت تي اثر رسوخ ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي.
ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته گلگت بلتستان ۾ وفاقي وزيرن جي چونڊ مهم ۾ موجودگي ۽ سرڪاري مشينريءَ جو استعمال ڳڻتي جوڳو آهي.
هن چيو ته چونڊ عمل ۾ مداخلت شفافيت ۽ منصفاڻن چونڊن تي سواليه نشان آهي، اليڪشن لاءِ ”ليول پلينگ فيلڊ“ اڻٽر آهي.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جي فارم 45 ۽ فارم 47 بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو عوام کي ياد ڏياريو ته گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جون 9 سيٽون کسيون ويون هيون، پ پ چيئرمين عوام کي چيو هو ته توهان جو مينڊيٽ چوري ٿي رهيو آهي، پنهنجي ووٽ ۽ فارم 45 جي حفاظت ڪن.
شازيا مري اهو به چيو ته درست فارم 45 جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به عوامي مينڊيٽ چوري ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهندو، فارم 45 چونڊ نتيجن جي بنياد آهي، ان کانپوءِ ئي فارم 47 جاري ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.