ٻارهو ئي ٿَڪل رهڻ جو اصل سبب خبر پئجي وئي!

موسم جو حساب الڳ ڳالهه آهي پر سُٺي ۽ چست موسمن دوران به توهان پنهنجي ڀرپاسي ڏسندا ته ٿڪاوٽ جو شڪار ماڻهو ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي،

توهان خريداري لاءِ بازار ۾ وڃو، آفيس وڃو، يا گاڏي هلائي رهيا هجو، ٿڪاوٽ ۾ مبتلا ماڻهن کي ڏسڻ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي.

اهو به ضروري ناهي ته توهان رڳو ٿڪل ماڻهن کي ڏسو، ٿي سگهو ٿو انهن ۾ اوهان به شامل هجو!

حقيقت ۾ هر وقت ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ جو سبب تمام سادو ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو جسم ۾ بي وٽامنز جي گهٽتائي آهي.

اهو نتيجو جاپان ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق مان سامهون آيو آهي.

اوساڪا ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهم وٽامنز، خاص طور تي وٽامن بي 12 ۽ فوليٽ (وٽامن بي 9) جي گهٽتائي سبب ماڻهو کي لڳاتار ٿڪاوٽ محسوس ٿي سگهي ٿي.

عام طور تي ٿڪاوٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ ذهني دٻاءُ، خراب ننڊ يا مصروف شيڊول، پر جڏهن ٿڪاوٽ لڳاتار رهي ۽ سٺي ننڊ، چانهه يا ڪافي سان به آرام نه ملي ته اهو وٽامن بي 12 ۽ فوليٽ جي گهٽتائي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

تحقيق موجب غير مناسب خوراڪ جون عادتون به لڳاتار ٿڪاوٽ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

هي ٻئي وٽامن رت ۾ موجود هڪ جز هوموسي سسٽئين (homocysteine) کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا، ۽ انهن وٽامنز جي گهٽتائي سان هن جز جي سطح وڌي وڃي ٿي.

هن تحقيق ۾ 600 صحتمند ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن جي رت ۾ هوموسي سسٽئين، فوليٽ ۽ وٽامن بي 12 جي سطح جي جاچ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ٿڪاوٽ جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن جي جسم ۾ وٽامن بي 12 ۽ فوليٽ جي گهٽتائي هئي، انهن ۾ هوموسي سسٽئين جي سطح وڌيڪ هئي.

ان کانپوءِ ماهرن هن جز جي سطح ۽ ٿڪاوٽ جي وچ ۾ لاڳاپي جو جائزو ورتو ۽ عمر، ننڊ جو مدو، ڪم جو بار ۽ خوراڪ جي عادتن جهڙن عنصرن کي به نظر ۾ رکيو ويو.

نتيجن مان ثابت ٿيو ته جن ماڻهن ۾ هوموسي سسٽئين جي سطح وڌيڪ هئي، انهن ۾ سخت جسماني ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري وڌيڪ ڏٺي وئي ۽ ڪم ڪرڻ جي خواهش به گهٽ هئي.

محققن موجب نتيجن مان وٽامن بي 12، فوليٽ ۽ ٿڪاوٽ جي وچ ۾ لاڳاپو ثابت ٿئي ٿو.

هنن چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو اهو لاڳاپو سائنسي طور تي سامهون آيو آهي.

هي تحقيق جرنل نيٽريشنز ۾ ڇپي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.