پهرين فلم جي بولڊ سينز تي والدين جي ردعمل بابت ڪنگنا جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاراڪنگنا رناوت انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پراڻن خيالن واري خاندان سندس فلمي ڪيريئر ۽ پهرين فلم جي بولڊ سينز تي سخت پريشان ٿي ويو هو.

ڀارتي رپورٽ موجب ڪنگنا رناوت 2006ع ۾ گينگسٽر ذريعي پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس ڪجهه بولڊ منظر به شامل هئا. هڪ انٽرويو دوران انهن منظرن بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته فلم ڏسڻ کان پوءِ سندس والد ڪو به ردعمل نه ڏنو ۽ مڪمل خاموش ٿي ويو. جڏهن هن پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته فلم ڪيئن لڳي ته ماءُ پريشانيءَ سان چيو، ”اسان جي سماج ۾ تون اڃا تمام ننڍي آهين ۽ هنن توکان اهڙا منظر ڪرائي ورتا.“

رپورٽ موجب اداڪارا ماءُ کان پڇيو ته ڇا سڄي فلم مان اوهان کي رڳو اهي ئي منظر نظر آيا؟ هن چيو ته والدين جي اهڙي سوچ سندس دل ٽوڙي ڇڏي، ڇاڪاڻ⁠ته اهي فلم جي ڪهاڻي کان وڌيڪ سماج ۽ برادري جي ردعمل بابت پريشان هئا. ڪنگنا ٻڌايو ته هوءَ هڪ پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري آفيسرن جي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جتي فلمن کي سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو.

هن وڌيڪ چيو ته سندن گهر ۾ جيڪڏهن رنگين اخبار ايندي هئي ته والدين فلمي ستارن وارا ٻاهريان صفحا ڦٽو ڪري رڳواندريون حصو پڙهندا هئا. ڪنگنا موجب، 1990ع ۽ 2000ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ فلم انڊسٽري کي باعزت شعبي طور نه ڏٺو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت انڊرورلڊ سان لاڳاپن جون خبرون عام هونديون هيون.

سندس چوڻ موجب والدين جي سوچ ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن کيس حڪومت طرفان نيشنل فلم ايوارڊ مليو. هن چيو ته صدر کان نيشنل ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۽ بعد ۾پدما شري ملڻ کان پوءِ والدين جو نظريو مڪمل طور تبديل ٿي ويو. انهن کي احساس ٿيو ته فلمن ۾ ڪم ڪري به عزت ۽ وقار سان ملڪ جو وڏو اعزاز حاصل ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.