ميٽا سڄي دنيا ۾ انسٽاگرام، فيس بڪ ۽ ميسينجر استعمال ڪندڙ گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي تحفظ لاءِ نيون ۽ سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، ڪمپني چيو آهي ته 13 سالن يا ان کان وڏي عمر وارن ٽين ايج واهپيدارن جي اڪائونٽس تي نيون حفاظتي سيٽنگون لاڳو ڪيون پيون وڃن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻه جون کان ميٽا جي سڀني پليٽ فارمز تي ننڍي ٽ عمر وارن واهپيدارن لاءِ مواد بابت وڌيڪ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
اهي سيٽنگز پهريان آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا ۽ ڪئناڊا ۾ متعارف ڪرايون ويون هيون، جڏهن ته هاڻي عالمي سطح تي وڌايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب، ميٽا چيو آهي ته هو هڪ حفاظتي ڪمپني سان گڏجي ننڍي عمر وارن واهپيدارن لاءِ نون فيچرز جي تياري ۽ جاچ لاءِ ڪم ڪندو.
نون ضابطن تحت ٽِين اڪائونٽس هاڻي اهڙن اڪائونٽس جو مواد نه ڏسي سگهندا ۽ نه ئي انهن کي فالو ڪري سگهندا جيڪي اڪثر غير مناسب مواد شيئر ڪندا آهن.
اهڙن اڪائونٽس کي 18 سالن کان گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي سفارش ڪيل مواد ۽ سرچ نتيجن مان به هٽايو ويندو.
ان کانسواءِ ڪجهه سرچ سڌارن جهڙوڪ شراب واپرائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل مواد تائين پهچ به محدود ڪئي ويندي.
نئين ”لميٽيڊ ڪنٽينٽ سيٽنگ“ ذريعي والدين پنهنجي ٻارن کي تبصرن (ڪمينٽس) ڏسڻ کان به روڪي سگهندا، ايستائين جو هو پنهنجي پوسٽن تي ٿيل تبصرا به نه ڏسي سگهندا.