’هيلو پاڪستان‘: جئڪي چئن جو پاڪستاني مداح کي جواب، وڊيو وائرل

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته هانگ ڪانگ جي مارشل آرٽسٽ، اداڪار ۽ فلمساز جيڪي چن جو هڪ مختصر پر دل موهيندڙ ردعمل سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.

رپورٽس موجب چين جي خوبصورت شهر گيلين جي هڪ تقريب دوران هڪ پاڪستاني مداح جئڪي چئن کي مخاطب ٿيندي چيو، ”لو فرام پاڪستان“، جنهن تي اداڪار مرڪندي جواب ڏنو، ”هيلو پاڪستان“.

جئڪي چئن جي هن مختصر جواب پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن جون دليون موهي ورتيون ۽ وڊيو ڏسندي ئي ڏسندي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي وئي. تقريب دوران جئڪي چئن کي باضابطا چين ٽريول لاءِ گلوبل ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب جي اختيارين موجب، جئڪي چئن عالمي سياحن کي چين جي سياحت ڏانهن ڇڪائڻ واري نئين مهم جو چهرو هوندو.

واضح رهي ته جئڪي چن سڄي دنيا ۾پنهنجي ايڪشن فلمن، شاندار اسٽنٽس ۽ مارشل آرٽس جي مهارت سبب سڃاتو وڃي ٿو. چين ۾ کيس هڪ ليجنڊ جو درجو حاصل آهي ۽ سندس عوامي تقريبن ۾ هزارين مداح شرڪت ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.