ڇا بريسٽ ڪينسر جون مريض ڪيموٿراپي کانسواءِ به صحتياب ٿي سگهن ٿيون؟ تحقيق ۾ اهم انڪشاف

بريسٽ ڪينسر ۾ مبتلا هزارين عورتون هاڻي هڪ نئين جين ٽيسٽ جي مدد سان ڪيموٿراپي جي تڪليف ڏيندڙ عمل کانسواءِ به صحتياب ٿي سگهن ٿيون. رپورٽ موجب”پروسگنا“نالي جديد ٽيسٽ سرجري کان پوءِ رسولي جي نموني (بايوپسي) ذريعي اهو طئي ڪري ٿو ته ڪينسر پکيڙيندڙ جين ڪيترا جارحاڻا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يونيورسٽي آف لنڊن جي نگراني هيٺ ٿيل هڪ طبي تحقيق موجب جن مريضن جو ٽيسٽ نتيجو "گهٽ خطري” وارو آيو، تن ڪيموٿراپي کانسواءِ رڳو سرجري ۽ ڊگهي مدي واري هارمون ٿراپي اختيار ڪئي.

رپورٽ موجب نتيجن مان ڄاڻ ملي آهي ته ڪيموٿراپي نه ڪرائيندڙ 93.6 سيڪڙو عورتون پنجن سالن کان پوءِ به ڪينسر کان محفوظ رهيون، جڏهن ته ڪيموٿراپي ڪرائيندڙ عورتن ۾ اها شرح 94.8 سيڪڙو رهي. يعني ٻنهي گروپن جي نتيجن ۾ رڳو 1.2 سيڪڙو جو معمولي فرق ڏٺو ويو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪيموٿراپي سان زندگي بچڻ جا امڪان تمام گهٽ هجن ته مريضن کي ان جي سخت ضمني اثرن کان بچائڻ گهرجي. هن ٽيسٽ جي مدد سان مريض نه رڳو جسماني ۽ ذهني تڪليف کان بچي سگهندا، پر اسپتالن جي خرچن، دوائن جي ڳرن بلن کان بچي سگهندا جڏهن ته طبي عملي جي وقت ۾ به وڏي بچت ٿيندي.

رپورٽ موجب هن ٽيسٽ سان هر سال هزارين مريضن کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو. ڪلينڪل آزمائش ۾ 40 سالن کان وڌيڪ عمر وارين 4 هزار 400 عورتن کي شامل ڪيو ويو، جن ۾ ڪينسر جي ٻيهر واپس اچڻ جو خطرو وڌيڪ هو.

تحقيق مان اهو به سامهون آيو ته گهٽ اسڪور حاصل ڪندڙ عورتن مان رڳو 2 سيڪڙو کي ڪيموٿراپي مان حقيقي فائدو پهچي سگهي پيو، جڏهن ته باقي 98 سيڪڙو عورتون ڪنهن اضافي فائدي کانسواءِ هن تڪليف ڏيندڙ علاج مان گذرڻ تي مجبور ٿينديون هيون، جنهن جي هاڻي شايد ضرورت نه رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.