ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون جي گهر مان چوري جي واردات ٿي آهي.
پوليس موجب، جوابدار فليٽ ۾ داخل ٿي ليپ ٽاپ، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فليٽ ۾ عرفان سمون جو ڀاءُ رهندو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي.