گوگل مڇڇرن ذريعي پکڙجندڙ بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٻن سالن دوران 3 ڪروڙ 20 لک ليبارٽري ۾ تيار ڪيل نر مڇر ڇڏڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
رپورٽ موجب هي منصوبو گوگل جي سائنسي پروگرام "ڊي بگ” تحت تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد بيماريون پکيڙيندڙ مڇرن جو انگ گهٽائڻ آهي. منصوبي تحت نر مڇرن کي هڪ خاص بيڪٽيريا وولباڪيا پائيپيئنٽس سان متاثر ڪيو ويندو. اهڙن نر مڇرن سان پيدا ٿيندڙ آنا ڦٽندا نه، جنهن سبب وقت سان گڏ مڇرن جي مجموعي آبادي گھٽجندي.
ماهرن موجب رڳو مادا مڇر ئي انسانن کي ڏنگينديون آهن، تنهن ڪري ليبارٽري ۾ تيار ڪيل نر مڇرن کي ڇڏڻ سان ماڻهن لاءِ ڏنگجڻ جو خطرو نه وڌندو. رپورٽ موجب گوگل آمريڪي ماحولياتي تحفظ واري اداري کان تجربي جي اجازت گهري ورتي آهي. منصوبي جي پهرين سال 1 ڪروڙ 60 لک ۽ ٻئي سال وڌيڪ 1 ڪروڙ 60 لک نر مڇر فلوريڊا ۽ ڪيليفورنيا ۾ ڇڏيا ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جيتن جي آبادي گهٽائڻ لاءِ جراثيم کان پاڪ يا حياتياتي طور تبديل ڪيل جيتن جي استعمال واري هي ٽيڪنالاجي نئين ناهي. ماضي ۾ به مختلف نقصانڪار مکين ۽ زرعي آفتن خلاف اهڙي طريقي سان ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن.