ايران ڪويت تي حملا ڪري ملڪي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي:سعودي عرب
رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ڪويت تي ايراني حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران ڪويت تي حملا ڪري ان جي خودمختياري، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت ڪويت جي حڪومت ۽ عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندي، ڪويت طرفان پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ ڪيل قدمن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.