مڇيءَ جو تيل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ غذائي سپليمنٽن مان هڪ آهي. ان ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، جيڪي صحت لاءِ انتهائي اهم سمجهيا وڃن ٿا. هاڻ هڪ نئين تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته مڇيءَ جي تيل جا ڪيپسول ٽائپ ٽو ذيابيطس جهڙي دائمي بيماري کان بچاءَ ۾ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا.
تحقيق ۾ ڇا آهي؟
برازيل ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق موجب مڇيءَ جي تيل جا سپليمنٽس انسولين جي مزاحمت (Insulin Resistance) خلاف ڪم ڪن ٿا، جنهن سان ٽائپ ٽو ذيابيطس جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو. تحقيق ڪندڙن دريافت ڪيو ته مڇيءَ جي تيل جي استعمال سان رت ۾ گلوڪوز جي سطح ۽ انسولين جي مزاحمت ۾ گهٽتائي اچي ٿي. ياد رهي ته ذيابيطس هڪ پيچيده دائمي بيماري آهي، جنهن ۾ جسم يا ته ڪافي مقدار ۾ انسولين نٿو ٺاهي يا انسولين تي مناسب ردعمل نٿو ڏيکاري.
رپورٽ موجب هن تحقيق دوران چوٿين کان اٺ هفتن تائين هر هفتي ٽي ڏينهن مڇيءَ جي تيل جو استعمال ڪرايو ويو. نتيجن مان ظاهر ٿيو ته انهن ۾:
• انسولين جي مزاحمت گهٽجي وئي؛
• بلڊ شوگر جو ڪنٽرول بهتر ٿيو؛
• جسماني سوزش (ورم) ۾ گهٽتائي آئي؛
• نقصانڪار ڪوليسٽرول ۽ رت ۾ چرٻي جي سطح گهٽ ٿي وئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي نتيجا اڃا حتمي ناهن، ڇاڪاڻ ته انسانن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
ماهرن موجب مڇيءَ جي تيل ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز دل، رت جي شگر ۽ سوزش سان لاڳاپيل صحت جي معاملن ۾ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. بهرحال، ڪنهن به سپليمنٽ کي روزانو استعمال ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر جي صلاح وٺڻ بهتر هوندو، خاص طور تي جيڪڏهن توهان اڳ ۾ ڪا دوا استعمال ڪري رهيا هجو يا ڪنهن بيماري ۾ مبتلا هجو.