اسلام آباد (بيورو)توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري واضح ڪيو آهي ته 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ حقدار واهپيدارن کي سبسڊي ملندي رهندي، جڏهن ته بجلي ميٽرن کي ڪيو آر ڪوڊ (QR Code) سان جوڙيو ويندو ته جيئن صرف حقيقي حقدارن کي ريليف ملي سگهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اويس لغاري چيو ته حڪومت پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جي سبسڊي ختم نه پئي ڪري. هن وقت سبسڊي وٺندڙن جو انگ 2 ڪروڙ 15 لک تائين پهچي چڪو آهي، جنهن جو حجم 199 ارب مان وڌي 423 ارب روپين تائين هليو ويو آهي.توانائي واري وزير چيو ته جيڪي ماڻهو وڏا وڏا سولر سسٽم لڳائي پنهنجو واهپو 200 يونٽن کان گهٽ ڏيکارين ٿا، اهي اصل ۾ مڪمل بل ڏيندڙن تي بوجھ بڻجي ويا آهن. هن چيو ته مارچ 2024 کان وٺي هينئر تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ 31 سيڪڙو، عام گهريلو واهپيدارن لاءِ 16 سيڪڙو، صنعتن لاءِ 33 سيڪڙو ۽ آزاد ڪشمير جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. نئين نيٽ بلنگ پاليسي سان 90 سيڪڙو گهريلو واهپيدار متاثر نه ٿيندا ۽ 25 ڪلو واٽ (KV) کان گهٽ جي ننڍن سولر منصوبن لاءِ لائسنس جي شرط ختم ڪئي وئي آهي.