لاهور( امداد سومرو) گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن،گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري کي اتي وڃڻو هو، پر هو نه وڃي سگهيو. سبب اهو ٻڌايو ويو ته پي آئي اي جي فلائيٽ شيڊول کان اڳ هلي وئي. ڪالهه اسد قيصر جي فلائيٽ به ائين ئي مس ڪرائي وئي هئي ۽ تڏهن به سوال ڪيو ويو هو ته ڇا بلاول کي وڃڻ ڏنو ويندو؟ پر حقيقي معلومات اها آهي ته کپلو۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب هجڻ جي ڪري کيس سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملي سگهي، تنهنڪري اڄوڪو جلسو ملتوي ڪيو ويو. هاڻي سندس جلسا اڄ پهرين جون، 2 جون ۽ 3 جون تي ٿيندا. 3 جون تي بلاول ۽ آصفه ڀٽو زرداري جا جلسا آهن، 4 جون تي غذر ۽ نگر ۾ جلسا آهن ۽ 5 جون چونڊ مهم جو آخري ڏينهن آهي، تنهنڪري گلگت ۾ آخري جلسو ٿيندو. پهرين 8 جلسا ٿيڻا هئا پر هاڻي 7 جلسا ٿيندا