ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ ۽ ارسا طرفان سنڌ سان مبينا غير منصفاڻي رويي جي خلاف سنڌ حڪومت سخت احتجاج ڪيو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ارسا جو ھاڻوڪو طرز عمل 1991 جي پاڻي واري معاھدي جي روح ۽ اصولن جي ابتڙ آھي، ۽ سنڌ جي عوام سان کليل ناانصافي جي برابر آھي. ھن چيو تھ سنڌ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيو آھي جڏھن تھ گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 29 سيڪڙو تائين پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آھي. سندس موجب سنڌ جي حصي جي پاڻي ۾ غير منصفاڻي کوٽ نھ رڳو زرعي شعبي کي متاثر ڪري رھي آھي پر ڪراچي جھڙي ملڪ جي معاشي مرڪز جي لاءِ بھ سنگين خطرو پيدا ڪري رھي آھي ڇاڪاڻ تھ ڪراچي کي پاڻي جي فراھمي جو بنيادي دارومدار سنڌو نديءَ تي آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ ۾ سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي اڳواٽ ئي طلب ۽ رسد جي وچ ۾ چٽي فرق کي منھن ڏئي رھي آھيو جڏھن تھ ارسا سنڌ جي جائز اعتراضن کي نظر انداز ڪندي نام نھاد شارٽيج ايڪولائيزيشن جي نالي تي صوبي جي حصي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري رھيو آھي، جيڪو ڪنھن بھ صورت قابل قبول ناھي. ھن چيو تھ سنڌ ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آھي تھ غير معمولي برساتن جي ڪري دريائي نظام ۾ ايندڙ اضافي پاڻي کي صوبي جي حصي مان ڪٽي نھ ٿو سگھجي. پر اُن جي باوجود ارسا لڳاتار اھڙا فيصلا ڪري رھيو آھي جن سان سنڌ سان امتيازي ورتاءُ جو تاثر مضبوط ٿي رھيو آھي. ھن چيو تھ 1991 واري پاڻي معاھدي تحت سنڌ جي حقن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻائڻ گھرجي ۽ ڪنھن بھ صوبي کي ٻئي صوبي تي ترجيح نھ ٿي ڏئي سگھجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھڪ پاسي سنڌ جي زرعي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي تھ ٻئي پاسي چشما، جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينالز ذريعي وڏي مقدار ۾ پاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي. ھن سوال اُٿاريو تھ جڏهن سنڌ جا بيراج ۽ ڪينال شديد کوٽ جو شڪار آھن تھ پوءِ لنڪ ڪينالز کي ترجيح ڇو پئي ڏني وڃي؟سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڻي جي ھي کوٽ رڳو زرعي مسئلو نھ پرشھري زندگي جي لاءِ بھ ھڪ وڏو خطرو بڻجي چُڪي آھي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي سڌي ريت سنڌو ندي جي نظام سان ڳنڍيل آھي ۽ ڪوٽڙي بيراج ۽ ان سان لاڳاپيل ڪينالن ۾ پاڻي جو مقدار گھٽ ٿيڻ ڪا اثر ڪراچي جي پاڻي جي نظام تي بھ پوندا آھن. ھن خبردار ڪيو تھ ان صورتحال جي نتيجي ۾ شھرين کي پاڻي جي فراھمي متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو آھي، جڏھن تھ پاڻي جي کوٽ جا ناڪاري اثر ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي، صنعتي سرگرمين ۽ مجموعي معاشي نظام تي بھ پوندا، اھا صورتحال قبولڻ جوڳي ناھي. شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ اھا ارسا جي فيصلن جو فوري نوٽيس وٺي ۽ 1991 جي پاڻي معاھدي موجب سنڌ کي سندس مڪمل ۽ جائز حصو ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي. ھن واضح ڪيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت عوام جي آبي حقن تي ڪنھن بھ قسم جي سوديبازي نھ ڪندي ۽ ھر آئيني، قانون ۽ جمھوري فورم تي سنڌ جي پاڻي واري حق جو ڀرپور دفاع جاري رکيو ويندو.ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي حصي جي پاڻي مان ڪنھن بھ قسم جي ڪٽوتي يا غير منصفاڻي ورڇ پوري صوبي جي مفادن جي خلاف آھي، اُن لاءِ سنڌ جي عوام جو اھو مطالبو آھي تھ ارسا پنھنجن فيصلن تي نظر ثاني ڪري ۽ صوبي سان انصاف کي يقيني بڻائي.