اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي باوجود پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل اڃا تائين مهانگا آهن، جڏهن ته شهرين تي پيٽروليم ليوي جو اضافي بار به برقرار آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 36 ڏينهن دوران حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٽي ڀيرا واڌ ۽ ٽي ڀيرا گهٽتائي ڪئي پر ان باوجود پيٽروليم شين جون قيمتون پنج هفتا اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃا به نمايان طور وڌيڪ آهن، دستياب انگن اکرن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 36 ڏينهن دوران مجموعي طور 61 رپيا 16 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 33 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي آندي وئي، قيمتن ۾ هن گهٽتائي باوجود ڊيزل اڃا به 27 رپيا 36 پئسا في ليٽر وڌيڪ مهانگو آهي، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جو اضافي بار ختم نه ٿي سگهيو.