گھوٽڪي (ڊ ر) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاقي پارٽيون سڪڙجي صوبن تائين محدود ٿي ويون آهن سڀ وسيلا صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن وفاق ڪمزور ٿيو آهي رهڙڪي درٻار ۾ سائين ساڌرام جي ڪٽنب سان عذرخواهي ڪرڻ بعد گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان وفاق جي مضبوطي جي لاءِ ٻين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي نظام نه هجڻ سبب ضلعا صوبائي بجيٽ کان محروم آهن مسلم ليگ ن ان ۾ يقين رکي ٿي ته جمهوريت جا ٽي ڏاڪا آهن وفاقي صوبائي ۽ بلدياتي جمهوريت پر بلدياتي نظام ڪمزور هجڻ سبب عوام جي اڪثريت ترقياتي حقن کان محروم آهي هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڇويهين ستاويهين ترميمن دوران بلديات جو بل آندو پر پ پ ان جي مخالفت ڪئي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اٺاويهين ترميم يا ڪراچي کي الڳ صوبو ڪرڻ بابت صرف ميڊيا ۾ افواهه هلي رهيا آهن حقيقت ۾ اڃان اهڙو ڪوبه ڊرافٽ ناهي سامهون آيو جڏهن ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ ممڪن ناهي مان پاڻ هڪ سنڌي هجڻ ناتي اهڙي ڪنهن به سازش کي سختي سان رد ڪيان ٿو ۽ اهو واضح ڪيان ٿو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ ۽ پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ڪوبه ڪمپرومائيز ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندي هن چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي يا فنڪشنل مسلم ليگ جي سرگرم ٿيڻ پٺيان ڪو ڳجهو اشارو آهي يا نه پر فنڪشنل ليگ جي سرگرم ٿيڻ واري عمل کي خوش آئند سمجهون ٿاهڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو ته پريا ڪماري جي اغوا وارو واقعو ڏکيندڙ آهي مان پريا جي اغوا معامري بعد مسلسل پريا جي وارثن سان ملاقاتون ڪري رابطي ۾ رهيو آهيان جڏهن ته پريا معامري جو آواز هر فورم تي اٿاريو آهي هن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي ۾ سنڌ حڪومت ناڪام وئي آهي جيڪا هڪ شرمندگي جي ڳالهه آهي هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ صوبي ۾ امن امان بحال رکڻ سنڌ حڪومت جي زميواري آهي جنهن ۾ هو ناڪام بڻجي وئي آهي ان موقعي تي مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جو صدر امداد بلو گهوٽڪي ضلعي جو صدر حافظ محمد صادق سميجو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا..