ايس ايس پي سانگهڙ آفيس جي ڪلارڪ جي گرفتاري، 3 ڪيس داخل

سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) ايف آءِ اي پاران ايس ايس پي سانگهڙ آفيس جي جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻين ماڻهن جي گرفتاري واري معاملي ۾ مرڪزي جوابدار غلام سرور جعفري ۽ ٻين جوابدارن خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت به ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل سکر ۾ داخل نئين ڪيس کان پوءِ جوابدارن خلاف داخل ڪيل ڪيسن جو انگ 3 ٿي ويو، اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس جوابدارن وٽان هٿ آيل ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي جي بنياد تي داخل ڪيو ويو، ذريعن موجب هٿ آيل ڪرنسي کي مختلف ڏوهن مان حاصل ڪيل ملڪيت قرار ڏئي ڪيس جو حصو بڻايو ويو، ڏوهن مان حاصل ٿيل رقم سان جائدادن جي ممڪن خريداري بابت جاچ پڻ جاري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي مني لانڊرنگ وارو ڪيس ايف آءِ اي شهيد بينظير آباد ۾ داخل ايف آءِ آر جي تسلسل ۾ داخل ڪيو ويو، ان کان اڳ حوالا هنڊي، فارن ايڪسچينج قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ ڀارتي اسمگل ٿيل گٽڪي جي خريد ۽ وڪري جي الزام هيٺ به ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، پهرين ڪيس ۾  غلام سرور جعفري، پوليس اهلڪار ممتاز علي، راڻا غلام محي الدين بابر، جميل احمد، شوقين ۽ عمران علي کي نامزد ڪيو ويو هو، جوابدارن جي قبضي مان ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي، وڏي مقدار ۾ گٽڪو، قيمتي گاڏيون ۽ ڪيترائي موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.