ميهڙ (عوامي آواز نيوز) ميهڙ ۾ معصوم نياڻي اُجالا پروين سولنگي جي بازيابيءَ لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي هوڪا ڏئي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي معصوم اجالا جي وارثن ۽ ٻين طرفان لائوڊ اسپيڪر تي هوڪا ڏئي اجالا جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن شهر جي مختلف چوڪن تي هوڪا ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي گم ٿيل جالا پروين سولنگي جي وارثن ۽ اڳواڻن چيو ته ظلم جي انتها آهي،47 ڏينهن گذرڻ باوجود معصوم اجالا کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، هنن چيو ته بنا دير ٻارڙي کي بازياب ڪرائي سندس وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي، شهرين ۽ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪي پي ۽ بلوچستان مان ماڻهو هٿيار کڻي هتي اچي پشاور جي پٺاڻ ڇوڪري کي آزاد ڪرائي ويا پر اسان جي نياڻي اجالا پروين کي هن وقت تائين حڪومت آزاد نٿي ڪرائي، نياڻي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري، سنڌ جي نياڻين اجالا پروين سولنگي ۽ پريا ڪماري کي فوري آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.