28 هين ترميم جي تجويزن تي صدر زرداري پاران سياسي حڪمت عملي ؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ ٻاويھ رپيا گهٽتائي جي باوجود ايندڙ بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ معاشي بار اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف مٿان عوام کي رليف ڏيڻ جو وڏو دٻاءُ آهي پر ٻئي طرف عالمي  مالياتي فنڊ پنهنجا سخت شرط مڙهي رهيو آهي جنهن ڪري ايندڙ ڏينهن ملڪي معيشت لاءِ انتهائي سخت نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو نه ٿيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ غربت وڌيڪ وڌندي،هن چيو ته ملڪي معيشت جي صورتحال اها آهي ته پاڪستان کي هر سال پنهنجي امپورٽس يعني درآمد کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي رقم گهربل هوندي آهي. ملڪي برآمد سالياني لڳ ڀڳ ٽيھ ارب ڊالر ۽ پرڏيهي ناڻو يعني ريميٽنسز پينٽيھ ارب ڊالر آهن جنهن سان لڳ ڀڳ 65ارب ڊالر بڻجن ٿا پر ملڪ جي درآمد 70 کان 80 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. ان وڏي خال کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻا پوندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي ٽارگيٽ پورا نه ٿيا ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان لاءِ رپئي جي قدر جو دفاع ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو،هن چيو ته ڊالر جي گهرج وڌڻ سان رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان اچي سگهي ٿو پر هن وقت حڪومت وٽ معيشت کي وڌائڻ لاءِ ڪو به واضح فارمولو نظر نٿو اچي،هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ۽ ارڙهين ترميم ۾ تبديلين بابت تجويزون سامهون اچڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پنهنجي سياسي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. سياسي ماهرن موجب صدر آصف زرداري ڪنهن به صورت ۾ ارڙهين ترميم تي سمجهوتو نه ڪندو ڇاڪاڻ ته سنڌ ئي پيپلز پارٽي جو اصل سياسي ڳڙهه آهي. جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جي حصي جا پيسا گهٽ ڪيا ويا ته پيپلز پارٽي سخت مزاحمت ڪندي. سنڌ ۾ تاريخي طور تي سنڌي قوم پرستي جو هڪ عنصر موجود آهي جنهن کي آصف زرداري ”پاڪستان کپي“ جي نعري سان قابو ۾ رکيو آهي پر وفاق پاران پئسا گهٽائڻ يا پاڻي جو معاملو اٿارڻ سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته حڪومتي اتحاد کي هلائڻ لاءِ وفاق کي آصف زرداري سان وڏي ڊيل ڪرڻي پوندي. هن وقت پنجاب قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ پڻ سندن پنهنجي حڪومت آهي پر خيبر پختونخواهه وفاق کي ڪو به تعاون نه ڏيندو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي مڃرائڻ لاءِ آصف زرداري پنهنجو سياسي پتو کيڏي سگهي ٿو جنهن کي ”آرٽ آف ڊيل“ چيو وڃي ٿو،هن چيو ته  زرداري وفاق کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته جيڪڏهن کين اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو سمجهوتو گهرجي ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي ايندڙ ٻن سالن لاءِ ملڪ جو وزيراعظم بڻايو وڃي. هن وقت مسلم ليگ ن مٿان اسٽيبلشمينٽ جو مڪمل اعتماد آهي ۽ شهباز شريف بهترين ڪم ڪري رهيو آهي پر بجيٽ پاس ڪرائڻ وقت پيپلز پارٽي وفاق تي دٻاءُ وڌائي پنهنجا مطالبا مڃائي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته حڪومت پي ٽي آءِ سان ڪو به تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.