ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته جتي جماعت اسلامي ڪم نه ڪيو، اتي جيالي ميئر ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته سڄو ڏينهن سياسي جماعتن تي الزام لڳائڻ وارا گلگت بلتستان ۾ اتحادي بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙ اڄ صدر زرداري کان ئي مطالبا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري هميشه پاڪستان کپي جو پيغام ڏنو آهي ۽ اڄ به سندس موقف اهو ئي آهي ته سڀئي سياسي جماعتون ۽ ادارا گڏجي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪن، ترجمان چيوته ايم ڪيو ايم سياسي بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ بلاول ڀٽو جو خوف انهن تي سوار آهي، سعديه جاويد سوال ڪيو ته آمرن جي دورن ۾ اقتدار جا مزا وٺندڙ هاڻي اسان کي بي ٽيم ڇو ٿا سڏين، هن چيو ته عيدالاضحيٰ دوران صفائي جا انتظام سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته سالڊ ويسٽ جي گاڏين تي پنهنجا جهنڊا لڳائڻ ۽ کلون گڏ ڪرڻ واري جماعت اسلامي کي ڪارڪردگي نظر نٿي اچي، ترجمان موجب سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ٽن ڏينهن ۾ 1 لک 70 هزار ٽن کان وڌيڪ آلائشون کنيون آهن.