جناح اسپتال جي واش روم ۾ ٻار جي ڄمڻ واري واقعي تي ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) جي پي ايم سي انتظاميا عورت مريض سان لاڳاپيل واقعي جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، رپورٽ صحت کاتي ۽ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي، جي پي ايم سي ۾ عورت مريض سان لاڳاپيل رپورٽ ٿيل واقعي تي باقاعده انڪوائري جو حڪم جاري  ڪيو ويو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي جي منظوري سان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، پروفيسر حليمه ياسمين کي ڪميٽي جي سربراهه مقرر ڪيو ويو، ڪميٽي 30 مئي تي ٿيندڙ اجلاس دوران واقعي جو تفصيلي جائزو وٺندي، ڪميٽي ۾ سينيئر ڊاڪٽرن ۽ انتظامي آفيسرن کي شامل ڪيو ويو، جي پي ايم سي انتظاميا عورت مريض سان لاڳاپيل رپورٽ ٿيل واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رپورٽ سنڌ جي صحت کاتي ڏانهن اماڻي ويندي، جڏهن ته جي پي ايم سي انتظاميا موجب واقعي جي رپورٽ جلد سنڌ حڪومت کي پڻ موڪلي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.